ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين

ڌرتيءَ کان آڪاس تائين (ڪتاب): هي شعري مجموعو، سنڌ ۾ ڄاول (1944ع) هند جي مشهور شاعر کيمن يُو. مُولاڻيءَ جي غزلن، ٽيڙن، واين، نظم، گيتن، پنجڪڙن، دوهن ۽ نين ڪوتائن جو مجموعو آهي. ابتدا ۾ شاعر جي سُڃاڻپ ڏني وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ مشهور شاعر ارجن شادتارا به ٽانڊاڻا‘ عنوان هيٺ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”کيمن مولاڻي سٺو شاعر آهي. سندس طنزيه ٻولي، گهڻي نرالي آهي. ماٺيڻي به، ڏنگيندڙ به. اڄ جو وقت به ائين آهي، غريبڙو ٿي هل ۽ اک ۾ سروٽو به رک.“ ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل مولچند نهالاڻيءَ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب لڪشمي پبليڪيشن، بئراڳڙهه، ڀوپال (انڊيا) پاران 2010ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو